ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط

گهوٽڪي (ن س) ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي شهرين جي اغوا، جعلي پوليس مقابلن، ڪچي جي ڌاڙيلن جي سهولتڪاري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث نڪتو آهي،اهو انڪشاف ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جي آءِ جي سنڌ کي موڪليل خط ۾ سامهون آيو آهي، جيڪو هن ايس ايس پي گهوٽڪي خلاف لکيو آهي.ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي ۾ اختلاف کليل نموني سامهون اچي ويا، پير محمد شاهه آءِ جي سنڌ کي حفيظ الرحمان بگٽي خلاف خط لکي ڇڏيو.ڊي آءِ جي سکر جي خط ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڌاڙيلن سان مليل آهي، هن جا پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن سان به رابطا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو