اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ديسڪ) اسرائيل جي ڏکڻ غزا، لبنان، يمن ۽ شام تي بمباري جاري آهي. اسرائيل جي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪيٽز ايڪس جاري ڪيل بيان م حماس جي نئين سربراهه يحيٰ سنوار کي قتل ڪرن جي دعويٰ ڪئي آهي. حماس اهڙي دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي. اسرائيل گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس پاران اسرائيل تي ڪيل حملن جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو هو. يحيٰ سنوار هلندڙ سال جولاءِ ۾تهران ۾ ميزائيل حملي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل حنيه جي مارجڻ بعد گروپ جو سربراهه بڻيو هو. اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو آهي اسانجي فورسز اربع تي ڏکڻ غزا تي ڪيل حملي ۾ يحيٰ سنوار کي قتل ڪيو ۽ اسين تصديق بعد اڄ ان جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته لبنان ۾ حزب الله اڳواڻ حسن نصر الله جي قتل بعد حماس جي نئين سربراهه جي قتل جي خبر اسرائيل خلاف مزاحمتي گروپن جو تمام وڏو نقصان هوندو. اسرائيل يمن جي ايران نواز حوثي باغين جي زمين هيٺ 5 هٿيارن جي ذخيرن کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو