ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته آئيني ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، ڪا به پارٽي پنهنجي تجويزن کي مسلط نه ڪري سگهي.ڪراچي ۾ سعيد غني پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري، مزارن تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اسان ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي قبرن جي زيارت ڪئي، هن قبرستان ۾ 7 شهيدن جون قبرون آهن.سعيد غني چيو ته 18 آڪٽوبر تي دهشتگردي جو واقعو دنيا جو وڏو واقعو هو، شهيدن جي ياد کانسواءِ جمهوريت جي ڳالهه مڪمل نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ آئين ۾ طريقيڪار موجود آهي، پي ٽي آءِ وارا ترميم چاهين ٿا پر هو کليل نموني نه ڳالهائي رهيا آهن.پ پ اڳواڻ اهو به چيو ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي ججن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو