توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توشه خانه ڪيس 2 ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست 22 آڪٽوبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 22 آڪٽوبر تي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.رجسٽرار آفيس ضمانت واري درخواست جي تعين لاءِ سببن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي طبيعت خراب هجڻ سبب گذريل ٻڌڻي تي ٻڌڻي ٿي نه سگهي هئي.ياد رهي ته اسپيشل جج سينٽرل بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو