ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس

حيدر آباد (بيورو رپورٽ)ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر مگسي حيدرآباد ۾ اڄ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي اپيل تي احتجاج جو سڏ واپس ورتو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي رهائشگاهه پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته پ پ شهيدن جو ڏهاڙو ملهائي پئي انڪري هو احتجاج جو سڏ واپس وٺي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو