ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي

ڪوٽڙي (ن س )ڪوٽڙي ڀرسان لوڻي ڪوٽ واري علائقي ۾ غيرقانوني ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي تان جهيڙي ۾ مائينز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ جا 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. لوڻي ڪوٽ ۾ بااثرن ۽ مائينز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ جي عملي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي ۾ سب انسپيڪٽر شفيق تنولي، اهلڪار شاهد محمود ۽ الله ڏنو راهوجو زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي آندو ويو جتان پوليس ليٽر وصول ڪرڻ بعد کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. مائينز اينڊ منرل ڊپارٽمينٽ ڄامشورو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقصود احمد اڄڻ ٻڌايو ته لوڻي ڪوٽ ۾ بااثر نياز کوسو نالي شخص غيرقانوني طريقي سان ريتي بجري چوري ڪري رهيو آهي، اڳ به ان جا دڪا بند ڪرايا هئا. هن چيو ته مائينز اينڊ منرل ٽيم پهتي ته نياز کوسو جي اڳواڻي ۾ ڏنڊا ۽ هٿياربند ماڻھن حملو ڪري ڏنو . اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او لوڻي ڪوٽ بااثر جي ڌر بڻجي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،سندن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ايس ايس پي ڄامشورو سان رابطو ڪيو آهي، حملي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو