سياسي طاقت ذريعي آئيني ترميمون منظور ڪرائينداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جو گڏيل پارلياماني اجلاس ٿيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري به موجود هئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي گڏيل پارلياماني اجلاس ۾ ڪارساز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي گڏيل پارلياماني اجلاس ۾ ڪارساز جي شهيدن لاءِ دعا گهري وئي.بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران بلاول ڀٽو زرداري کي پيپلزپارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل پارلياماني اجلاس ۾ پارلياماني ليڊر چونڊڻ جي تجويز ڏني وئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي تجويز تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي گڏيل اتحاد جو متفقه طور تي پارلياماني ليڊر چونڊيو ويو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين. پ پ جي پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان اهي واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڄ تائين پورا ناهن ٿيا، اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، مسودو تقريبن حتمي ٿي چڪو آهي، جنهن کي ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ جي جڊيشل سڌارن بابت تجويزن تي تيار ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين. هن چيو ته اسان اهڙي ڪا ترميم نٿا آڻڻ چاهيون، جنهن ۾ ڪنهن کي لوتو بڻائڻو هجي، ترميمون پبلڪ ڪيون آهن ۽ سڀني کي اعتماد ۾ وٺي رهيا آهيون، مان مولانا فضل الرحمان سان ٻيهر ملاقات ڪندس، ان جا جائز مطالبا وزيراعظم سامهون رکيا آهن، اميد ته شهباز شريف جيڪي خاطريون ڪرايون آهن، انهن تي عمل ڪندو، ائين ٿيو ته ترميمون جلد منظور ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ اچي وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو