اختيارن جي برتري ۽ اقتداري مفادن لاء آئين ۾ ٿيندڙ ترميمون

حبيب ٽالاڻي
 وفاقي حڪومت ۽ جي يو آـٔي وچ ۾ 26 ھين آـٔيني ترميم تي تقريبن اتفاق ٿي ويو آھي باقي ڪجھ نقطن تي جيڪي اختلاف برقرار آھن ھي سٽون ڇپجڻ تاـٔين ٿي سگھي ٿو ته  اھي اختلاف به ختم ٿي وڃن ان ڪري ته حڪومت جي يو آـٔي جا ڪجھ مطالبا تسليم ڪندي نـٔين آـٔيني ترميم ۾ شامل ڪجھ نقطن تي بيڪ فٽ تي ھلي وـٔي آھي جنھن ۾ ھڪ اھم نقطو آـٔيني عدالتن جو قيام ھو جنھن بابت ھاڻي اھو طـٔي ڪيو ويو آھي ته آـٔيني عدالتن بدران صرف سپريم ڪورٽ ۾ آـٔيني بينچ جڙندي ميڊيا رپورٽن مطباق آـٔيني بيـٔنچ جي قيام تي پي ٽي آـٔي پڻ راضي آھي گذريل ڏينھن نواز شريف شھباز شريف صدرآصف زرداري ۽ مولانا فض الرحمن وچ ۾ ملاقات ٿي جنھن ۾ حڪومت آـٔيني عدالتن جي قيام کان ھٿ کڻي وـٔي جنھن بعد اھي امڪان صاف نظر اچن پيا ته ھڪ اڌ ڏينھن اندر آـٔيني ترميمن وارو بل ايوانن ۾ پيش ڪيو ويندو توڙي جو ھن مھل تاـٔين وفاقي حڪومت پاران نـٔين آـٔيني ترميم  جو ڊرافٽ ظاھر ناھي ڪيو ويو جنھن سان عام ماڻھن کي اھا خبر پوي ھا ته آخر 26 ھين آـٔيني ترميم وسيلي آـٔين ۾ ڪھڙيون تبديليون آنديون پيون وڃن؟ پر ان باوجود 26 ھين آـٔيني ترميم جا ڪجھ اھم نقطا ميڊيا وسيلي ظاھر ضرور ٿيا آھن جنھن ۾ ھڪ اھم نقطو چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري ۽ ٻيو فلور ڪراسنگ يعني پارٽي فيصلن خلاف پارليامنٽ ميمبرن پاران  ووٽ ڏيڻ کي جاـٔز قرار ڏيڻ آھي اصل۾ نـٔين آـٔيني ترميم آڻڻ جو مقصد به پھرين نقطي سان سلھاڙيل آھي يعني نـٔين چيف جسٽس جي مقرري ھن وقت وفاقي حڪومت جي سڄي ڪوشش ھي آـٔيني ترميمون گادي واري شھر ۾ نظر ايندڙ سياسي ھلچل ميل ملاقاتون مانجھاندا ڏنر سڀ ڪجھ نـٔين چيف جسٽس جي مقرري جي ڊڪ ڊوڙ آھي قاضي فاـٔزعيسي رٽاـٔر ٿــٔي پيو جنھن  بعد موجودا آـٔين مطابق سپريم ڪورٽ جو سينيـٔرترين جج سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيندو پر وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ مرضي جو چيف جسٽس آڻڻ چاھي ٿي ان ڪري آـٔين ۾ تبديلي آڻي سينيـٔرترين جج کي چيف جسٽس بڻاـٔڻ بدران ڪجھ سينيـٔرججن مان ڪنھن ھڪ ٻـٔي جج کي چيف جسٽس بڻاـٔڻ جي ڪوشش ڪري پـٔي پر جي يو آـٔي اڃان تاـٔين ان نقطي تي راضي ناھي ٿي مولانا فضل الرحمن چوي پيو ته قاضي فاـٔزعيسي جي رٽاـٔرمنٽ بعد سينيـٔرترين جج کي چيف جسٽس بڻايو وڃي ۽ جيڪا آـٔيني تبديلي ڪـٔي پـٔي وڃي اھا تبديلي نـٔين جسٽس جي مقرري تي لاڳو نه ھجي پوء ڀل مستقبل ۾ اھو قانون لاڳو ھجي پر جيڪڏھن قاضي فاـٔزعيسي کان پوء سينيـٔرترين جج کي چيف جسٽس بڻاـٔڻو ھجي ھا ته پوء حڪومت ھي آـٔيني تبديلي وارو سور پنھنجي مٿي ۾ ڇو وجھي ھا؟ اصل ۾ حڪومت سپريم ڪورٽ جي سينيـٔرترين جج کي چيف جسٽس بڻاـٔڻ نه ٿي چاھي ان ڪري حڪومت تڙتڪڙ ۽ ھر حال ۾ 25 تاريخ کان اڳ آـٔيني ترميم ٻنھي ايوانن ۾ منظور ڪراـٔڻ چاھي ٿي ھتي سوال اھو اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته آخر حڪومت پنھنجي مرضي جو چيف جسٽس آڻڻ ڇو ٿي چاھي؟ اصل ۾ بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمنٽ توڙي وقت جي حڪمرانن اقتدار توڙي اقتداري طاقت کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ مرضي مطابق ھلاـٔڻ لاء ھميشا مختلف ادارن توڙي عدالتن سميت ھر طاقتور اداري کي پنھنجي اثر ھيٺ رکڻ چاھيو جيـٔن پنھنجي مرضي مطابق ادارن کي ھلايو وڃي يا پنھنني مرضي جا فيصلا ڪرايا وڃن ھن وقت اسان جي ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ اھو واحد ادارو آھي جنھن جي باري ۾ چـٔي سگھجي ٿو ته ھي ادارو مڪمل طور تي اسٽيبلشمنٽ توڙي حڪومتي اثر ھيٺ ناھي مٿان وري نـٔين چيف جسٽس جي اچڻ بعد حڪومت جو خيال آھي ته انھن لاء وڌيڪ پريشانيون پيدا ٿينديون خاص ڪري عمران خان جي ڪيسن جي حوالي سان حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ سمجھي ٿي ته ھن چيف جسٽس جي ھوندي باني پي ٽي آـٔي عمران خان کي ڪيـٔي درزن ڪيسن ۾ رليف ملي آھي نـٔون  چيف جسٽس جي اچڻ بعد ته الاـٔي جي ڇا ٿـٔي ان ڪري حڪومت آـٔيني ترميم وسيلي سپريم ڪورٽ جي سينيـٔرترين جج جي چيف جسٽس ٿيڻ کي روڪڻ چاھي ٿي ان ڪري حڪومت جي ڪوشش آھي ته ڪيـٔن به ڪري مولانا کي راضي ڪجي جيـٔن نـٔون آـٔيني نقطو مستقبل بدران ھاڻوڪي يعني قاضي فاـٔز عيسي جي رثاـٔرمنٽ کان پوء نـٔين چيف جسٽس جي مقرري تي لاڳو ڪيو وڃي ھن وقت مولانا راضي ناھي پر جيڪڏھن مولانا راضي نه ٿيو ته بلوچستان جي وڏ وزات کيس تحفي طور ڏني ويندي ھونــٔن به بلوچستان جي وڏ وزارت ظاھري طور پ پ حوالي آھي پر اصل ۾ سرفراز بگٽي اسٽيبلشمنٽ جو ماڻھو آھي ان ھمراھ کي پ پ ۾ ته عام چونڊن کان ڪجھ مھينا اڳ اعلان ڪرايو ويو ھو ان ڪري مولانا راضي نه ٿيو ته پوء کيس راضي ڪرڻ لاء اسٽيبلشمنٽ کي بلوچستان جي وڏ وزارت جي قرباني ڏيڻي پوندي ھي ته ٿيو نــٔين آـٔين ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري وارو نقطو پر ھڪ ٻيو اھم نقطو فلورڪراسنگ جو آھي جنھن مطابق پارٽي فيصلن خلاف ووٽ ڏيندڙ ميمبر نااھل نه  ٿيندو اصل ۾ حڪومت وٽ آـٔيني ترميم لاء گھربل ميمبرن جو انگ پورو ناھي ان ڪري حڪومت گھربل انگ پورو ڪرڻ لاء فلورڪراسنگ واري ترميم کي آڻي رھي آھي جيـٔن ٻين پارٽين جي ميمبرن کي ٽوڙي ووٽ ورتو وڃي ۽ بعد ۾ اھي نااھل به نه ٿين ۽ مستقبل ۾ به ڪم اچن ان حوالي سان ته ھاڻي سان ـٔي ڪاروايون شروع ٿي ويون آھن بي اين پي مينگل وارن الزام ھنيو آھي ته انھن جي ھڪ سينـٔيٽر کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آھي پي ٽي آـٔي وارا ته اڳ ۾ دانھون ڪن پيا ته اسان جي ميمبرن کي 25 ڪروڙ آفرٿيڻ لڳو آھي ھي ته شروعات آھي اڃان قانون پاس ٿيو ـٔي ناھي جڏھن فلور ڪراسنگ وارو قانونن جاـٔز بڻجي وڃي ته پوء مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ مستقبل ته بعد جي ڳالھ آھي ھاڻي سان ـٔي فلورڪراسنگ وارو ڪارو دنڌو شروع ڪيو ويو آھي جيڪو جمھوريت جي منھن تي ھڪ ڪارو داخ آھي فلور ڪراسنگ کي جاـٔز بڻاـٔڻ آـٔين جمھوريت ۽ جمھوري ادارن سان مذاق آھي حڪومت اسٽيبلشمنٽ سان گڏجي جمھوريت ۽ آـٔين جي شڪل بگاڙي رھي آھي ڇا ھي به ڪو قانون ھوندو جو ھڪ ميمبر عام چونڊن ۾ ووٽ نوازليگ جي نالي تي وٺي آيو ھجي ۽ پارليامنٽ اندر ڪنھن اشوء تي ووٽ وڃي پ پ کي ڏـٔي ڇا ھي جمھوريت سڏبي؟ اڄ آـٔين جي شڪل بگاڙڻ ۾ جيڪا پيپلزپارٽي سڀني کان اڳ تي آھي ڇا پيپلزپارٽي قيادت کي پرويز مشرف وارو ڪارو دور وسري ويو آھي؟ جڏھن 2002  جي عام چونڊن بعد پرويز مشرف کي پسند جي حڪومت آڻڻ لاء ڪجھ ميمبرن جي ضرورت پـٔي ته پيپلزپارٽي جا ميمبر ٽوڙي پاڪستان پيپلزپارٽي پيٽرياٽ ٺھراـٔي مخدوم فيصل صالح حيات کي سربراھ بڻايو ويو ھو ۽ سنڌ ۾ به ڊاڪٽر سھراب سرڪي مرحوم سردار منظور خان پنھور سميت ڪجھ ٻيا چومڊيل ميمبر پ پ کان ٽوڙي سنڌ ۾ ق ليگ حڪومت ٺاھي وـٔي بعد ۾ فلورڪراسنگ کي بابت آـٔين ۾ تبديلي آڻي فلورڪراسنگ کي غيرآـٔيني بڻايو ويو ھو پر ھڪ ڀيرو ٻيھر فلورڪراسنگ کي نـٔين آـٔيني ترميم ذريعي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي ڀل ھاڻي نوازليگ پ پ توڙي اتحادين کي اھو قانون کير ۾ کنڊ جھڙو مٺو لڳي پيو پر مستقبل ۾ اھو قانون انھن خلاف استعمال ٿيندو پوء اھي پاڻ روـٔندا ان ڪري وقتي فاـٔدن ۽ اقتداري مفادن خاطر آـٔين ۾ غيرمقبول تبديليون آڻڻ جمھوريت آـٔين توڙي جمھوري ادارن لاء سٺو نه ھوندو ھڪ عمران خان کي قيد ۾ رکڻ لاء آـٔين جي شڪل بگاڙڻ ڪٿان جي جمھوريت چـٔجي ان ڪري ملڪي مفادن جمھوريت جمھوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلاـٔي لاء ڀل  آـٔين ۾ تبديليون آڻجن پر اقتداري مفادن لاء آـٔين ۾ تبديليون آڻڻ سٺو سنوڻ نه ھوندو 

پهنجو تبصرو موڪليو