ترميم جو ترت انصاف جي فراهمي سان تعلق ناهي، مقصد ٻيو آهي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شاهد جميل جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم جو جلد انصاف جي فراهمي سان ڪو به تعلق ناهي، ان جو مقصد ٻيو آهي.لنڊن ۾ ايسوسيئيشن آف انٽرنيشنل لائرز گلوبل پاران ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهد جميل چيو ته نئين آئيني ترميم سان سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽجي ويندا.هن چيو ته آئيني ترميم سان عدليه جي آزادي تي سوديبازي ٿيندي، خواهش آهي ته جلد انصاف ڏيارڻ لاءِ گڏجي ويهون.ڪانفرنس ۾ عدليه جي آزادي ۽ فيئر ٽرائل جي موضوع تي ڳالهائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته وڪيلن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ خوش آئند آهي، اهڙين ڪانفرنسن ذريعي هڪ ٻئي کان سکڻ جو موقعو ملندو آهي.جسٽس طارق محمود جهانگيري جو چوڻ آهي ته جج حقيقتن جي بنياد تي فيصلا ڪندا آهن، سپريم ڪورٽ پنهنجي آزادي تي قائم آهي.هن چيو ته تيز انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، انصاف جي فراهمي ۾ ڪيترائي مسئلا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي غير جانبداري سندس فيصلن مان نظر ايندي.ڪانفرنس ۾ جج محمد طاهر سميت پاڪستان مان لائرز ايسوسيئيشن جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو