آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.هڪ رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ لاڳيتو 5 سالن تائين مهانگائي سنگل ڊيجيٽ ۾ رهڻ جو اندازو لڳايو آهي، عالمي مالياتي اداري هلندڙ مالي سال حڪومتي حدف کان به مهانگائي گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ 9.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. ياد رهي ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ حڪومت مهانگائي جو حدف ڊبل ڊيجٽ ۾ 12 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ مالي سال 25-2026 ۾ مهانگائي جي شرح 7.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف مالي سال 26-2027 جي لاءِ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح جو اندازو 6.5 سيڪڙو لڳايو آهي. آءِ ايم ايف مالي سال 27-2028 ۽ 28-2029 ۾ به مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو