آئيني ترميم لاءِ عمران خان 3 شرط رکي ڇڏيا، احتجاج جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي جيل ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. اهم ذريعن روزاني سنڌيار کي ٻڌايو ته خان پارٽي اڳواڻن تي ڪاوڙ ڪندي کين ڇنڊ پٽي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خان آئيني ترميم لاءِ 3 شرط رکيا آهن ته جسٽس منصور علي شاهه کي بطور چيف جسٽس نامزد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪريو. جيڪڏهن نوٽيفڪيشن جاري ٿئي ته ان صورت ۾ ٻه شرط ٻيا ٻڌايا. چيف جسٽس ۽ ججن جي ڀرتي جو اختيار سياستدانن کي نه هجڻ گهرجي، چيف جسٽس سينارٽي موجب مقرر ٿيڻ گهرجي ۽ ٽن ججن جي پينل واري رٿ به هن رد ڪري ڇڏي. هن اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن منصور شاهه جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ٿئي ته ڪنهن به صورت ۾ ترميم جي حمايت نه ڪبي. ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته عمران خان اها به هدايت ڪئي ته منصور علي شاهه واري معاملي تي پيش رفت نه ٿئي ته ڊي چوڪ جي ڌرڻي جي ڪال ڏيو ۽ 25 آڪٽوبر (ڇيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ) تائين ڌرڻو برقرار رکو. جيڪڏهن حڪومت ڪنهن ٻئي کي چيف جسٽس نامزد ڪري ته ان خلاف سڄي ملڪ احتجاجي تحريڪ هلايو، ٽوڙ ڦوڙ نه ڪريو ۽ پر امن احتجاج ڪريو. ملاقات دوران ڪجهه ماڻهن علي امين گنڊاپور خلاف ڳالهايو پر عمران خان چيو ته عمر ايوب ۽ گنڊاپور جي مون سان ملاقات جو اهتمام ڪريو، وري به ماڻهو هو ٻاهر ڪڍن ٿا اوهان ڪجهه نه پيا ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو