يحيٰ سنوار جو قتل حماس لاءِ وڏو ڌچڪو آهي

سيد غلام مصطفي شاھ
7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل تي حملي جو ماسٽر مائينڊ سمجهيو ويندڙ یحییٰ سنوار جنهن اسرائيل کي لوڏي ڇڏيو هو.61 سالن جي یحییٰ سنوار کي ابو ابراهيم جي نالي سان بہ سڏيو ويندو هو.هن اسرائيلي جيلن ۾ 22 سال گذاريا. یحییٰ سنوار کي 2011ع ۾ اسرائيلي جيل ۾ قيد دوران کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي پر حماس وٽ قيد اسرائيلي فوجي گيلاد شالت جي بدلي ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.هن کي عبراني زبان تي تمام گهڻو عبور پڻ حاصل هو، قيد دوران هو اسرائيلي فوجن سان نہ ڳالهائيندو هو نہ ئي ڪا ٻي زبان استعمال ڪندو هو. هن هڪ ڪتاب پڻ لکيو جنهن جو نالو “الشوک و القرنل” ” ڪنڊا ۽ گل” جيڪو هن جي سوانحي عمري تي لکيل آهي. سندس جي شهادت ڪا سوچيل سمجهيل سازش نہ هئي پر غزا جي علائقي رفعا ۾ اچانڪ حملي جي صورت ۾ سندس شهادت ٿي. ڊرون جي ذريعي کيس تباھ حال عمارت جي اندر ڏيکاريو ويو آهي.آخري وڊيو ۾ اهو بہ ڏيکاريو ويو آهي تہ هو زخمي حالت ۾ هوندي بہ لٺ جي مدد سان ڊرون جهاز کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس انهيءَ بهادري کي دنيا سلام پيش ڪري ٿي. شهادت وقت يحي سنوار وٽ بلٽ پروف جيڪٽ، دستي بم ۽ ڪجھ پئسا هئا.
يحي سنوار کي اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ کيس ان عهدي تي فائز ڪيو ويو. گذريل سال ڊسمبر ۾ يحي سنوار هڪ وڏي جلسي ۾ اسرائيل کي خبردار ڪندي اهو چتاءُ ڏنو هو تہ حماس اسرائيل تي هڪ خطرناڪ حملو ڪندو ان کانپوءِ اسرائيل جي انٽيليجنس انهيءَ بيان کي سنجيده ورتو هو، جنهن کانپوءِ ان جي چرپر تي نظر رکي پئي وئي. يحي سنوار جي خلاف اسرائيل ۾ ايتري تہ نفرت ڦهلجي وئي جو اسرائيلي فنڪارہ رينات بار فوجين جي هڪ تقريب ۾ هڪ عربي گانو ” يا بنت السلطان” ڳايو جنهن جا هن ٻول ئي تبديل ڪري هن ريت ڳايو تہ يحي سنوار توکي سڀاڻي مرڻو آ. اسرائيل يحي سنوار جي شهادت جي تصديق انهن جي ڏندن مان ڪئي، ڇو تہ اسرائيلي جيلن ۾ قيد دوران انهن وٽ هن جو ميڊيڪل رڪارڊ موجود هو جنهن کانپوءِ هن جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي. اسرائيلي فوج جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اربع واري ڏينهن ڪجھ فوجي معمول جي گشت تي هئا تہ ٽي فلسطيني مزاحمتڪارن سان سندن جھڙپ ٿي جنهن ۾ يحي سنوار جي شهادت ٿي. جيتوڻيڪ اسرائيل جهڙو سپر پاور ملڪ فلسطيني عوام جي جذبن کي ڪڏهن بہ شڪست نٿو ڏئي سگهي، هڪ ڏينهن انشاء الله انهن فلسطيني عوام جو خون رنگ لائيندو ۽ دنيا سندن بيمثال قربانيءَ جا قصا بيان ڪندي ۽ تاريخ انهن کي هڪ فاتح قوم لکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو