ڪراچي ۾ هلندڙ سال پوليو سبب 3 ٻارڙا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هلندڙ سال پوليو سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا.ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته فوت ٿيل ٻارڙن جو تعلق ڪراچي ۽ بلوچستان سان آهي.اي او سي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻار عبدالله بن قاسم ٽائون ضلعي ملير جو رهواسي هو جڏهن ته فوت ٿيل ٻن ٻارڙن جو تعلق بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ۽ ڪوئيٽا سان آهي.اي او سي ذريعن اهو به ٻڌايو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو کان متاثر ٻارڙن جو انگ 39 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ 12 ٿي ويو آهي، ڪراچي مان هلندڙ سال پوليو جا 4 ڪيس سامهون آيا آهن.ملير، اوڀر ضلعي ۽ ڪيماڙي مان پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا.اي او سي ذريعن موجب بلوچستان ۾ پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ 20 آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ پوليو کان متاثر ٻارڙن جو انگ 5 آهي، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ٻار پوليو وائرس جو شڪار ٿيو.اي او سي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم 28 آڪٽوبر تي شروع ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو