نيوزيلينڊ ڀارت ۾ 36 سالن کانپوءِ ٽيسٽ کٽي ورتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ 36 سالن کانپوءِ ڀارت ۾ ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي.بنگلورو ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.نيوزيلينڊ کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي آخري ڏينهن نيوزيلينڊ 107 رنسن جو هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.نيوزيلينڊ طرفان ول ينگ 48 ۽ ريچن رويندرا 39 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو