ڪوئيٽا ۾ ڀاڄين جا اگهه گهٽ نه ٿيا،عوام جون دانهون

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ ڀاڄين جا اگهه گهٽ نه ٿي سگهيا، مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.مارڪيٽ ذريعن موجب شهر ۾ ادرک 1000 کان 1200 في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.شهر ۾ پياز 130 رپيا ۽ ٽماٽو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته لوسن جو اگهه 800 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته مٽر 300 رپيا ۽ ڪدو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.ان کان علاوه لال آلو 170 رپيا ۽ اڇو آلو 90 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو