سينيٽ بعد قومي اسمبلي مان به آئيني ترميم منظور ٿي وئي

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) حڪومت سينيٽ بعد قومي اسمبلي مان به 26 هين آئيني ترميم منظور ڪرائي ورتي آهي جنهن جي حق ۾ 225 ووٽ آيا. ان کان اڳ 20 آڪٽوبر تي سينيٽ مان هي بل منظوري بعد قومي اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويو پر رات 12 هين وڳي کان چند منٽ اڳ اجلاس ملتوي ڪري تاريخ تبديل ٿيڻ بعد 12هين وڳي بعد ٻيهر گهرايو ويو ۽ ٽيڪنيڪلي 21 هين آڪٽوبر تي هي بل قومي اسمبلي مان به منظور ڪرايو ويو. اڌ رات جو قومي اسيمبلي مان 26هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪرايو ويو. سينيٽ مان منظوري لاءِ 64 ۽ قومي اسمبلي مان منظوري لاءِ 224 ووٽ گهربل هئا. حڪومت سينيٽ مان 65 ۽ قومي اسمبلي مان 225 ميمبرن جي حمايت سان بل منظور ڪرايو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ نويد قمر ايوان جي معمول جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي بينچن تي مسلم ليگ ن وٽ 111 ۽ پيپلز پارٽي وٽ 69 سيٽون آهن. حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم 22، ق ليگ 5، آئي پي پي 4 جڏهن ته مسلم ليگ ضياءَ، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر آهي. حڪمران اتحاد جي 3 ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت انگ 211 آهي ۽ جي يو آءِ جي 8 ميمبرن جي حمايت سان اهو انگ 219 ٿئي ٿو. حڪومت کي آئيني ترميم پاس ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 5 ميمبرن جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي ۾ جاري اجلاس دوران چوڌري الياس، عثمان علي، مبارڪ زيب، ظهور قريشي اورنگزيب خاصخيلي سميت 5 آزاد ميمبر ايوان ۾ پهچي ويا. پنجن ئي ميمبر پي ٽي آءِ جي حمايت سان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيا هئا پر ڪا به پارٽي جوائن نه ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو