26هين آئيني ترميم آزاد عدليه جي ڳچي گھٽڻ لاءِ آهي: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته جيڪڏهن 31 آڪٽوبر تي ترميم منظور ٿي وڃي ها ته ڇا ٿئي ها، هي آئيني ترميم پاڪستان جي عوام جي نمائندگي نه ڪندي، آئيني ترميم ئي آئيني ترميم آهي.سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ مان 26هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ سڏايل اجلاس کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته نامعلوم ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي ها، جن جو شڪريو ادا ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته اسان جي ميمبرن مبارڪ زيب، ظهور قريشي، اورنگزيب خاصخيلي، رياض فتيانا، زين قريشي، عادل بازئي، عادل بازئي تي دٻاءُ وڌو ويو، عادل بازئي جا پلازا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. زين قريشي جي زال کي رات جي وقت زبردستي ڪار مان ڪڍي اغوا ڪيو ويو.عمر ايوب چيو ته فجر وقت اسپيڪر اياز صادق پيغام موڪليو ته زين قريشي جي گهرواري واپس اچي وئي آهي، رياض فتيانه جي پٽ کي ٻه ڀيرا اغوا ڪيو ويو آهي، انتظار پنجوٽا 11 ڏينهن کان گم آهي، مبين جٽ جو گهر ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو