پي ٽي آءِ مولانا جي ترميم کي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)26هين آئيني ترميم لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو ته هن آئين ۾ ڪجهه ترميمون 100 سيڪڙو اتفاق راءِ سان منظور ڪيون آهن. اسان صدر کان 58 جو اختيار واپس ورتو، ان ڪري عدالت اهو اختيار برقرار رکيو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هڪ وزيراعظم کي خط نه لکڻ تي برطرف ڪيو ويو ۽ ٻئي وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي برطرف ڪيو ويو. توهان پاڻ وزيراعظم چونڊيو پر قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان اختيار کسي ورتو ته قائد ايوان تي عدم اعتماد جو مظاهرو ڪيو.هن چيو ته جسٽس افتخار چوڌري سموري ارڙهين ترميم کي اُڇلائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ان ڪري 19هين ترميم کي بليڪ ميل ڪرڻو پيو. الجهاد ڪيس تحت ججن کي جج مقرر ڪرڻ جو اختيار برقرار رکيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو