بختاور ڀٽو ٽيون پٽ ڄڻي ورتو، آصفه ۽ ٻين جي مبارڪباد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بختاور ڀٽو کي ٽيون پٽ ڄائو آهي، جنهن جو اعلان هن انسٽا گرام پوسٽ ذريعي ڪيو آهي. 2021 جي شروع ۾ دبئي ۾ مقيم بزنيس مين محمود چوڌري سان شادي ٿي هئي. هنکي پهريون پٽ 10 آڪٽوبر 2021 تي ڄائو هو جنهن جو نالو مير حاڪم رکيو ويو هو. کيس ٻيو پٽ 5 آڪٽوبر 2022 تي چائو جنهن جو نالو مير سجاول رکيو ويو. 20 آڪٽوبر 2023 تي نئين ڄاول پٽ جو هن اڃا نالو ظاهر ناهي ڪيو. ياد رهي ته سجاول آصف علي زرداري جو به ڇٺي جو نڪ نيم آهي. سجاول جي معنيٰ آهي اڀرندڙ سج. بختاور کي ٽئين پٽ ڄمڻ تي آصفه ڀٽو، شرميلا فاروقي، گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم شيخ راشد المختوم جي نياڻي شيخه بن محمد بن راشد المختوم سميت ڪيترن ئي گهڻ گهرن مبارڪون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو