اردو يونيورسٽي ۾ استادن جو احتجاج، رينجرز طلب

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن وي سي آفيس آڏو احتجاج ڪيو.احتجاج ڪندڙ استادن مطالبو ڪيو ته 3 مهينن کان روڪيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پگهارون نه ڏنيون ويون ته هو وائيس چانسلر کي آفيس ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا.وفاقي اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر آفيس پوليس ۽ رينجرز کي طلب ڪري صورتحال سنڀالي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو