عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر طرفان طبي معائني لاءِ درخواست جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ باني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ذاتي معالجن کان طبي معائنو ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ باني بيرسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري ذريعي عدالت سان رجوع ڪيو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي 15 آڪٽوبر تي بني پي ٽي آءِ تائين رسائي نه ڏني وئي، ذاتي ڊاڪٽر بني پي ٽي آءِ جي ميڊيڪل هسٽري کان واقف آهن.پي ٽي آءِ جي باني ڊاڪٽر عاصم يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر ثمينه نيازي کي چيڪ اپ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم يوسف، ڊاڪٽر ثمينه نيازي، اين ٽي اسپيشلسٽ کي فوري طور تي معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو