انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)عدالت انٽرميڊيئيٽ ۾ شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار واري ڪيس ۾ انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. صوبائي اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ انٽربورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سميت بورڊ عملدارن جي پڪي ضمانت واري داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو چيئرمين انٽر بورڊ پروفيسر نسيم احمد ميمڻ، اڳوڻو چيئرمين انٽر بورڊ ڊاڪٽر سعيد الدين سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدارن جي وڪيل چيو ته جوابدارن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، هاءِ ڪورٽ مان ڪيس بابت منهه نامو جاري ٿيل آهي تنهن ڪري تاريخ ڏني وڃي. عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. عدالت هن کان اڳ جوابدارن جي هڪ ھڪ لک رپين جا ڪاغذي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت منظور ڪئي ھئي. جوابدارن پاران سندن خلاف انڪوائري ڪرڻ بابت هاءِ ڪورٽ مان منهه نامو جاري ٿيل آهي. هن کان اڳ عدالت کي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارن خلاف اينٽي ڪرپشن اولهھ ۾ ڪيس داخل آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو چيئرمين بورڊ پروفيسر نسيم ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي پري ميڊيڪل 2022 جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جا الزام آهن. جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪيو آهي. ان کان اڳ انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جنسي هراسان واري الزام هيٺ سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو