ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ قيد جوابدار فرار

ملير (رپورٽر)ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ قيد جوابدار محمد جاويد فرار ٿي ويو، شاهه لطيف ٿاڻي تي اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ سميت 8 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ستن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.رات دير سان ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ قيد جوابدار محمد جاويد فرار ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو جيل پهتو،ڊي آءِ جيل، ڊيوٽي تي موجود ستن اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪندي جيل سپرينٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.جيل سپرينٽينڊنٽ ارشد شاهه جي هدايت تي جيل اهلڪار ذوالفقار پيرزادو جي فرياد تي اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ سميت 8 اهلڪارن خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس ستن اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري ورتو.جيل سپرينٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه جو چوڻ آهي ته قيدي محمد جاويد واش روم جي دري ڪٽي رسي جي مدد سان جيل جي ڀٽ ٽَپِي فرار ٿي ويو.سندس چوڻ هو ته غفلت ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.جيل سپرينٽينڊنٽ ارشد شاهه چيو ته فرار ٿيل قيدي محمد جاويد جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو