دنيا انساني تاريخ جي تيز ترين تبديلين مان گذري پئي: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته دنيا انساني تاريخ جي تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي.اسلام آباد ۾ ڊيٽا فيسٽ 2024 جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان اهي ماڻهو آهيون جن پليڪ کان 5 جي تائين جو سفر ڏٺو آهي.هن چيو ته ڊجيٽل انقلاب اچي چڪو آهي ۽ ترقي جو تيل ڊيٽا آهي.احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اڄ پاڪستان 2024ع ۾ پنهنجي مستقبل جي رخ جو تعين ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اسان کي انتهائي قابل اعتماد ڊيٽا جي ضرورت آهي.وفاقي وزير چيو ته مهانگائي تيزي سان هيٺ اچي رهي آهي ۽ معيشت مٿي ٿي رهي آهي، ايس سي او ڪانفرنس ذريعي پاڪستان جو مثبت رخ دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان کي پاڻ کي وقت سان گڏ جديد ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو