پنجاب جي سمورن ڊي سيز کي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جا اختيار حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت ڊپٽي ڪمشنرن کي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا.گزٽ نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ضلعي ۾ 30 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري سگهندا.نوٽيفڪيشن موجب پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اختيار 90 ڏينهن لاءِ ڏنو ويو آهي.ڪابينا کي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين آرٽيڪل 144 لاڳو ڪرڻ جو اختيار هوندو.پنجاب حڪومت ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر 1898 ۾ ترميم ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو