ججن جي مقرري واري ڪميٽي لاءِ سينيٽ ۽ اسيمبلي مان نالا طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سينيٽ چيئرمين يوسف رضاگيلاني کي خط لکي پارلياماني ڪميٽي فار ججز جي مقرري لاءِ 4 سينيٽرن جا نالا طلب ڪري ورتا آهن. سينيٽ مان نالا اچڻ سان ئي 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. پارلياماني ڪميٽي 3 سينيئر ججن مان هڪ کي چيف جسٽس نامزد ڪندي. اهي نالا آئين جي آرٽيڪل 175 جي نئين ترميم تحت طلب ڪيا ويا آهن. چيئرمين سينيٽ پارلياماني اڳواڻن کان نالا به طلب ڪري ورتا آهن. 4 سينيٽرن مان 2 حڪومت ۽ 2 اپوزيشن جا هوندا. ٻئي طرف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ به پارلياماني اڳواڻن کان 8 ايم اين ايز جا نالا طلب ڪري ورتا آهن. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري پاران پارلياماني اڳواڻن کي لکيل خط سامهون آيو آهي. چيئرمين سينيٽ جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي کان نالا طلب ڪري ورتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو