وينا ملڪ پاڻ کي ” شهريار جي بندي “ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪار ۽ ميزبان وينا ملڪ پاڻ کي ”شهريار جي بندي“ قرار ڏئي ڇڏيو.وينا ملڪ طرفان پاڻ کي شهريار جي بندي قرار ڏيڻ کانپوءِ اداڪارا جي ٻي شاديءَ بابت اڳڪٿيون زور پڪڙي ويون آهن. ڪجهه هفتن کان سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته وينا ملڪ تمام جلد ٻي شادي ڪرڻ واري آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي مسٽري مين بابت ڳالهائيندي وينا ملڪ جو چوڻ هو ته شهريار چوڌري سندس نئون جيون ساٿي آهي ان حوالي سان مداحن کي شادي وار ڏينهن خبر پئجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو