نئون ديرو( ن س) لاڙڪاڻي کان خانواهه ويندڙ ڄڃ سان گڏ ويندڙ موٽر سائيڪل سلپ جنهن تي سوار نوجوانن مٿان بس چڙهي وئي جنهن ڪري 2 نوجوان فوت ٿي ويا،خانواهه واسي 2 نوجوان علي ۽ جاويد جروار فوت ٿي ويا شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون حادثي سبب ٻئي نوجوان زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي نوجوان جاويد فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي نوجوان کي لاڙڪاڻي نيو ويو جتي ٻيو نوجوان علي جروار به فوت ٿي ويو مائٽن جي شادي تي لاڙڪاڻي ڄڃ سان گڏ وياسين واپس موٽڻ دوران خانواه ڳوٺ جي لاڙي وٽ نوجوانن جي موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي جنهن جي پٺيان ايندڙ بس ٻنهي نوجوانن مٿان چڙهي وئي جنهن ۾ اسان جا ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا آهن، نئون ديرو اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش گهر پهچڻ تي شاديءَ واري گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو. وارث عورتون ۽ مرد لاش کي چنبڙي دانهون ڪري روئيندا رهيا.
رات جي وڳڙي ۾ ٿيندڙ فيصلا !
سنڌيار سکر 22 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 22 آڪٽوبر 2024ع
شڪارپور ۾ پوليس کان هٿيارن جي ڀريل گاڏي ڦر، 3 اهلڪار گرفتار
ڄڃ سان گڏ ويندڙ موٽرسائيڪل سلپ،2 نوجوان فوت،خوشيون ماتم ۾ تبديل
ماهه رنگ بلوچ جي درخواست تي ڊي آءِ جي ايسٽ کي انڪوائري جو حڪم
فتح الله گولن 83 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو
ناقص روشني ۾ به چِٽي وڊيو ڪال، واٽس ايپ وڏي سهولت ڏئي ڇڏي
ججن جي مقرري واري ڪميٽي لاءِ سينيٽ ۽ اسيمبلي مان نالا طلب
شهر قائد تي 187 ارب 30 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا،مراد شاهه
پير عمر جان ۽ پوليس جون درخواستون رد، ايف آءِ آر درست قرار
نقوي آءِ سي سي بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دبئي روانو
صدر صحيح ڪري ڇڏي، 26 هين ترميم آئين جو حصو بڻجي وئي
پي ٽي آءِ قوم جي ڀلائي لاءِ آئيني ترميمن جي حمايت جو اعلان ڪري
دنيا انساني تاريخ جي تيز ترين تبديلين مان گذري پئي: احسن اقبال
پنجاب جي سمورن ڊي سيز کي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جا اختيار حوالي
انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ
وينا ملڪ پاڻ کي ” شهريار جي بندي “ قرار ڏئي ڇڏيو
پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت نظرثاني واري درخواست رد
ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ۾ تڪرار، ٻئي آفيسر عهدن تان فارغ