پير عمر جان ۽ پوليس جون درخواستون رد، ايف آءِ آر درست قرار

ميرپورخاص (ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بئنچ ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ پير عمر جان سرهندي ۽ پوليس طرفان داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ متاثر خاندان طرفان داخل ايف آءِ آر کي درست قرار ڏيندي جاچ پوليس کان ايف آءِ اي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بئنچ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس بابت ٻن آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت حڪم ڏنو ته قتل جي ايف آءِ آر جي جاچ پوليس کان وٺي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي نگراني ۾ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وڃي. عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونهارو جسڪاڻي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي کي اڃا تائين گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو؟عدالت پير عمر جان سرهندي ۽ سي آءِ اي جي اڳوڻي انچارج عنايت زرداري طرفان داخل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو