26هين آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو.وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ بهتر ثابت ٿيندي. آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو ۽ جوڊيشل بينچ جي قيام سان عام ماڻهو کي به سهوليت ملندي.هن چيو ته 26هين آئيني ترميم 2006 ۾ ٿيل ميثاق جمهوريت جي هڪ ٻئي وزن جي تڪميل آهي. آئيني ترميم تي حڪومت ۾ شامل پارٽين ۽ اپوزيشن پارٽين سان ڊگهي مشاورت ٿي، ترميم ۾ مدد تي صدر آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان جا به ٿورائتا آهيون، جڏهن ته آئيني ترميم بابت عمل ۾ نوازشريف جي رهنمائي به حاصل رهي.شهباز شريف چيو ته ايس سي او ڪانفرنس تي اسلام آباد کي خوبصورتي سان سجايو ويو، چيني، روسي وزيراعظم ۽ ٻين اسلام آباد جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي. 11 سالن کان پوءِ چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو ڪامياب دورو رهيو.هن چيو ته ايس سي او ملڪن جي سربراهن اجلاس جي ختم ٿيڻ تي پڌرائي به جاري ڪئي. ڪانفرنس ۾ هڪ وڏو چيلينج سيڪيورٽي جو هو، ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين وزارتن جو ڪردار مثالي رهيو. جڏهن ته پاڪستان آرمي ۽ ٻين ادارن سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم پڻ کنيا.غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ ظلم، بربريت جاري آهي بي گناهه عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪيو پيو وڃي پر ظلم ۾ گهٽتائي نه پئي اچي جڏهن ته عالمي عداتن جي فيصلن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو