جسٽس يحيٰ آفريدي ملڪ جو چيف جسٽس نامزد،ڪميٽي فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خاص پارلياماني ڪميٽي ٻن ٽئين اڪثريت سان جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس نامزد ڪري ڇڏيو آهي.12 رڪني خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر 5 ۾ ٿي رهيو آهي. سُني اتحاد ڪائونسل جي 3 ميمبرن علي ظفر، بئريسٽر گوهر ۽ حامد رضا اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. اجلاس ۾ راجا پرويز شريف، فاروق ايڇ نائيڪ، سيد نويد قمر، ڪامران مرتضيٰ، راڻا انصار، احسن اقبال، شوڪت پرويز ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ خواجا آصف شرڪت ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو