فيسبڪ يا انسٽاگرام جو لاڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو طريقو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)فيسبڪ يا انسٽاگرام اڪائونٽ لاڪ ٿي وڃي ته ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ انتهائي ڏکئي عمل مان گذرڻو پوندو آهي جڏهن ته اڪائونٽ جي بحالي ۾ ڪافي وقت پڻ لڳي ويندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ميٽا طرفان اهڙن نون ٽولز جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي لاڪ اڪائونٽس کي ريڪور ڪرڻ وارو عمل انتهائي سولو ۽ تيز رفتار بڻجي ويندو. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب ميٽا طرفان ” چهري جي سڃاڻپ“ ڪندڙ ٽولز جي ٽيسٽنگ شروع ڪئي وئي آهي. نون ٽولز ذريعي اڪائونٽس ريڪور ڪرڻ سان گڏوگڏ واهپيدارن کي فراڊ کان تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويندو. ميٽا موجب، نون ٽولز کي ڊيزائن ڪرڻ جو مقصد واهپيدارن کي محفوظ طريقي سان پنهنجي سڃاڻپ ثابت ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ميٽا جي ڪانٽينٽ پاليسي جي نائب صدر مونيڪا بيڪرٽ چيو ته هو پراميد آهن ته نئين ٽيڪنالوجي واهپيدارن کي محفوظ رکڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي خاص طور تي مشهور شخصيتن جي فيڪ اڪائونٽ ذريعي ٿيندڙ فراڊ جي روڪٿام ٿيندي. اهڙي قسم جا فراڊ ڪندڙ ماڻهو واهپيدارن کي اهڙن اشتهارن تي ڪلڪ ڪرن تي مجبور ڪندا جيڪي کين ذاتي تفصيل يا پئسا چوري ڪرڻ واري ويب سائيٽس تي وٺي ويندا آهن. ڪمپني موجب، ان ڏس ۾ اڃا به آٽوميٽڊ ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي پئي وڃي ته جيئن روزاني بنيادن تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پوسٽ ٿيندڙ لکين اشتهارن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي. پر ڪيئي موقعن تي اهڙن شڪي اشتهارن کي پڪڙڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويندو آهي. نون ٽولز جي آزمائش مشهور شخصيتن جي محدود گروپ ۾ڪئي پئي وڃي ۽ هنيئر تائين ان جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. ڪمپني موجب، ٽولز ذريعي فراڊ اشتهارن کي وڌيڪ تيزيءَ سان پڪڙڻ ۾ مدد ملي آهي. ميٽا موجب، نون ٽولز جي مدد سان واهپيدار ڪنهن سمارٽ فون ذريعي پنهنجي لاڪ اڪائونٽ کي ڪجهه ئي منٽن اندر اِن لاڪ ڪري سگهندا. ان لاءِ واهپيدارن کي وڊيو سيلفي جمع ڪرائڻي پوندي، جنهن کي واهپيدار جي پروفائيل تصوير سان ڀيٽيو ويندو. ڪمپني طرفان ٽولز ۾ واهپيدارن جي سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي جو به خيال رکيو ويندو آهي ۽ خاطري ڪرائي وئي آهي ته هر قسم جي ڊيٽا ڪم ٿيڻ کانپوءِ ڊليٽ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو