مخصوص سيٽن بابت اڪثريتي فيصلي تي عملدرآمد ضروري ناهي، چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ داخل مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ ٻن ججن جو اقليتي فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اقليتي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس واڌو نوٽ به لکيو آهي. چيف جسٽس 14 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي ۾ آئيني ڀڃڪڙين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي منهنجو فرض آهي، اميد آهي ته اڪثريتي جج پنهنجي غلطين تي غور ڪري انهن کي درست ڪندا. چيف جسٽس چيو بدقسمتي سان اڪثريتي مختصر فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، منهنجي ساٿي ججن جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب ان جي خلاف ووٽ ڏنو، اميد ٿو ڪيان ته اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ پنهنجي غلطين جو تدارڪ ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته آئين موجب ملڪ هلائين. چيف جسٽس لکيو ته 8 اڪثريتي ججن جي فيصلي جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، انهن مخصوص سيٽن بابت اپيلون نه اڪلايون، جڏهن اپيلون نه اڪلايون ويون ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ سمجهيو ويندو آهي، 8 ججن اپيلون ٻڌڻي هيٺ رکي پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نيون درخواستون داخل ڪرڻ جو چيو، حتمي فيصلو نه ٿيو، تنهن ڪري اڪثرتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ سان توهين عدالت نه لڳندي.

پهنجو تبصرو موڪليو