اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي.گهرو وزير محسن نقوي چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان چيني سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ محسن نقوي ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب 2 چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.گهرو وزير محسن نقوي چيني سفير کي واقعي جي تفصيل ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.هن چيني سفير، حڪومت ۽ زخمي چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان ترقي ۽ سلامتي کي ضم ڪرڻ جي چيني تصور سان مڪمل طور تي متفق آهيون.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، چيني شهرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير اهو به چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي پئي: زين شاهه
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو