ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هن ڀنڀور جو دورو ڪيو آهي، ڀنڀور ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، مهمانن جي ڪتاب ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا انگريزي ۾ خوبصورت تاثر لکيل هئا.وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ آثار قديمه، ماحوليات، دريائي نظام ۽ انڊس ڊيلٽا بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنس جو چوڻ آهي ته انڊس ڊيلٽا جي تمام شاندار تاريخ آهي، سنڌ سرڪار انڊس ڊيلٽا جو تحفظ ڪري ۽ سامونڊي آبي جيوت جي خوراڪ ۽ گدلاڻ کان محفوظ رکيو وڃي، سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ وڃڻ سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جو قدرتي ذريعو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي اوترو دستياب ئي ناهي، سنڌ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته هو هاڪي جو رانديگر آهي ۽ هاڪي کيڏندو رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڪي راند جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري باوجود ڪي نتيجا نه ملي سگهيا آهن.
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل