مير مرتضيٰ قتل ڪيس خلاف اپيلن تي ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي عدالت جو مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران وڪيل کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن پوليس وارا آهن ته ڇا اهي قتل نه ٿا ڪري سگهن؟ ، جوابدارن جي وڪيل عامر منصوب چيو ته جيڪڏهن هنن قتل ڪيو هجي ها ته عدالتون سزا ٻڌائين ها، کين بري نه ڪن ها، وڪيل جي فوت ٿي ويل جوابدارن جا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيل موجب، ڪيس ۾ نامزد شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل، مسعود شريف فوت ٿي چڪا آهن، مير مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، واقعي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو