ايف بي آر کي 76 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس رٽرن وصول

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي 6 نومبر تائين ٽيڪس سال 2024 لاءِ 52 لک 15 هزار انڪم ٽيڪس ريٽرن وصول ٿيا آهن. جيڪي گذريل سال جي ساڳئي عرصي دوران حاصل ڪيل 29 لک 59 هزار جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهن. 31 اڪٽوبر جي آخري ڊيڊ لائين بعد ايف بي آر کي گذريل هفتي 86,035 ريٽرن مليا، جن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. ٽيڪس سال 2024 جي ريٽرن سان گڏ ٽيڪس جي ادائيگي 6 نومبر تائين هڪ ارب 32 ڪروڙ 59 لک رپيا رڪارڊ ٿي. گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ اه رقم 7 ڪروڙ 71 لک 32 هزار روپيا هئي ۽ هن سال اها رقم 71.47 سيڪڙو اضافي وصول ٿي آهي. ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ پنهنجا ريٽرن فائل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ آخري تاريخ ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي هئي. انڪم ٽيڪس آرڊيننس موجب ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر هوندي آهي. ٽيڪس سال 2023 دوران ايف بي آر کي ڪل 66 لک 95 هزار انڪم ٽيڪس گوشوارا مليا هئا. انگن اکرن موجب، ايف بي آر پهرين جولاءِ 2023ع کان 6 نومبر تائين 13 لک 46 هزار نوان ريٽرن وصول ڪيا، هن سال ٽيڪس اختيارين پهرين جولاءِ کان 6 نومبر 2024ع تائين 660,000 نوان ريٽرن فائلرز رجسٽرڊ ٿيا آهن. جيڪا ايف بي آر جي وڏي ڪاميابي آهي. لڳي ٿو ته انهن فائلرز کي ملندڙ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو رٽرن جمع ڪرايا آهن. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت نان فائلرز کي ڪنهن به مالي يا سيڙپڪاري جي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ تي پابندي آهي، حج ۽ زيارت جي سفرن کانسواءِ ٻاهرين ملڪ سفر تي به پابندي لاڳو ڪيل آهي. نان فائلرز ڪارون، غير منقوله جائيداد، فنانشل ٽرانزڪيشن تي به پابندي آهي، البته هو ٽيڪس آسان اڪائونٽ ذريعي ٽرزنزيڪشن ڪري سگهن ٿا. هو سيونگ يا ڪرنٽ اڪائونٽ استعمال نٿا ڪري سگهن. ايف بي آر موجب 10 لک يا ان کان مٿي انڪم ظاهر ڪندڙ نان فائلرز تي پابنديون نه آهن پر ان کان گهٽ آمدن ظاهر ڪندڙ نان فائيلرز کي ملڪيت خريدڻ جي صورت ۾ انڪم جو ذريعو ٻڌائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو