ايڊليڊ(ويب ڊيسڪ) ٻئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 26.3 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ سان برابر ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان ميچ دوران 6 ڪيچ پڪڙي عالمي رڪارڊ برابرڪيو آهي. جڏهن ته ستون ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب هو نئون عالمي رڪارڊ قائم نه ڪري سگهيو. محمد رضوان ميچ ۾ 6 ڪيچ وٺندڙ نائين رانديگر آهي جڏهن ته ٻين 8 رانديگرن ۾ سندس هم وطن سرفراز احمد به شامل آهي. ليجنڊ آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر ايڊم گلڪرسٽ هڪ ون ڊي اننگز ۾ 4 ڀيرا سڀ کان وڌيڪ 6 ڪيچز جو اعزاز حاصل ڪيو. صائم ايوب 71 بالن تي 82 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو، عبدالله شفيق 64 ۽ بابراعظم 15 تي ناٽ آئوٽ رهيا. ٻئي ون ڊي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ پاڪستاني بولرز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا جي پوري ٽيم کي 35 اوورز ۾ 163 تي آئوٽ ڪري ورتو. اسٽيو سمٿ 35 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. حارث رئوف 8 اوورز م 29 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون. شاهين آفريدي 7.5 اوورز م 26 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. نسيم شاهه 10 اوورز م 65 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، محمد حسنين 6 اوورز ۾ 27 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. صائم ايوب 3 اوورز ۾ 14 رنز ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي. شاهين پنهنجي ٻئي اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪندي 21 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر جيڪ فريزر کي ايل بي ڊبليو ڪيو. 7 اوور ۾ شاهين ٻئي اوپنر ميٽ شارٽ کي بابر هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 19 رنسون ٺاهيون. 79 جي مجموعي اسڪور تي 14 هين اوور ۾وڪٽ ڪيپر جوش انگلس 18 رنز ٺاهي حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. مارمس لوبسچينج 6 رنسو ٺاهي حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، 101 جي اسڪور تي سمٿ 35 رنز ٺاهي محمد حسنين جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. جلد ئي حارث ايرون هارڊي کي به رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 14 رنسون ٺاهيون، گلين ميڪسويل کي 16 جي زاتي اسڪور تي حارث بولڊ ڪيو، ان بعد هن پنجون شڪار ڪندي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي به رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو. آخري وڪيت ايڊم زمپا جي شهاين آفريدي حاصل ڪري آسٽريليا کي 163 تي محدود ڪيو، جوش هيزلووڊ جنهن کي شون ايبٽ جي جاءِ تي کيڏايو ويو، اهو ناٽ آئوٽ رهيو. ٽن ميچز جي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽ تان شڪست ملي هئي.
6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي پئي: زين شاهه
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو