مولانا فضل الرحمان کي آرام جي سخت ضرورت آهي، راشد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ٽن مهينن کان 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي، کيس آرام جي سخت ضرورت آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ قانون سازي ۽ 26هين آئيني ترميم لاءِ فخر جوڳو ڪردار ادا ڪيو.راشد محمود سومرو چيو ته مولانا فضل الرحمان دوستن جي اصرار تي لنڊن ۾ 10 ڏينهن گذارڻ تي راضي ٿي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان انهن ڏهن ڏينهن ۾ ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ شرڪت نه ڪندو، لنڊن ۾ رهڻ دوران مولانا فضل الرحمان رڳو خانگي دعوتن ۾ شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو