اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي،481 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس نئين بلندي تي پهچي ويو ۽ هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جو پهريون سيشن مثبت نوٽ تي کليو ۽ هڪ موقعي تي انڊيڪس 481 پوائنٽس سان 93 هزار جي عبوري حد کي ڇهيو، جيڪا اسٽاڪ ايڪسچينج جي هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي عبوري حد آهي.پهرين سيشن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 619 پوائنٽن جي واڌ سان 93140 تي بند ٿيو.ڪالهه به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 499 پوائنٽس جي واڌ سان 92 هزار 520 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو