ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ٽي جون برآمدون ايندڙ 3 سالن ۾ 25 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف سان پرڏيهي ڪمپني جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ به تيز موبائل انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، فائيو جي سروسز جي سان ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. هن چيو ته ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ ٽيلي ڪام سيڪٽر جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي. پرڏيهي وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ اهم ملڪ بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو