نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ )چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جي تصديق ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ڀارت، پاڪستان جي نرم پاليسي، ڪرڪيٽ کي سياست کي ڌار رکڻ جي خواهش ۽ بيانن باوجود پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي آگاهه ڪيو آهي ته ڀارت ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪليندو. ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڀارت جي اهڙي فيصلي چيمپيئنز ٽرافي جي رٿابندي ۾نئون مسئلو کڙو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب، ڀارتي بورڊ جي فيصلي کانپوءِ هاڻي آءِ سي سي ۽ پي سي بي کي هڪ نئين سر معاملن جو جائزو وٺڻو پوندو، جنهن ۾ امڪاني طور تي ” هائبرڊ ماڊل“ شامل هوندو جنهن ۾ ٽيمون پاڪستان ۾ ڪجهه ميچون کيڏنديون، جڏهن ته ڀارت پنهنجون ميچون ٻئي وينيو تي کيڏندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽورنامينٽ جي ڪجهه ميچن لاءِ گڏيل عرب رياستن کي پاڪستان جي ويجهو هئڻ سبب متبادل وينيو طور ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته سريلنڪا جي آپشن تي به غور ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا تي سامهون آيل خبرن جي ردعمل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين واضح لفظن ۾ چيو هوته چيمپيئنز ٽرافي تي اسان جو موقف چٽو آهي ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪيو ويندو.
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان