پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آسٽريليا کي ٽئين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 ميچون کٽي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. 22 سالن بعد پاڪستان جي اها آستريليا کي سندن هوم گرائونڊ تي سيريز ۾ پهرين شڪست آهي. آسٽريليا پاران 141 رنز جو ٽارگيٽ پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 26.5 اوورن ۾ حاصل ڪيو. بابر اعظم وننگ اسٽروڪ کيڏندي زمپا جي فل ٽاس بال تي چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. بابر28 ۽ محمد رضوان 30 رنسنتي ناٽ آئوٽ رهيا. اڄ به پاڪستاني اوپنرز بهترين اسٽارٽ فراهم ڪيو، عبدالله شفيق کي 37 رنسن لانس مورس پنهنجي بال تي پاڻ ڪيچ پڪڙي آئوٽ ڪيو ۽ جلد ئي هن صائم ايوب کي 42 رنسن تي ايل بي ڊبليو ڪري پنهنجو ٻيو شڪار ڪيو. مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز سميت آستريليا جي ٽيم جا ريگولر پليئر ميچ نه کيڏيا. ٻئين ميچ کانپوءِ اڄ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به پاڪستاني بالرن آسٽريلوي بيٽسمينن کي پريشان ڪيو ۽ پوري ميزبان ٽيم پوئين ميچ جيان هن ۾ به مڪمل اوور نه کيڏي سگهي. پرٿ ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم 31.5 اوورن ۾ 140 رنسون ٺاهيون سندن 9 رانديگر آئوٽ ٿيا. سندن مڊل آرڊر بيٽسمين ڪوپر ڪونولي جيڪ 7 رنسون ٺاهي رٽائرڊ هرٽ ٿيو هو، اهو ٻيهر بيٽنگ لاءِ نه آيو. .پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو.اڄ به پاڪستاني فاسٽ بالرن ٽيم کي سٺي شروعات ڏني، نسيم شاهه 20 رنسن تي پهرين وڪيٽ ورتي ۽ شاهين آفريدي 36 رنسن تي ٻي وڪيٽ ورتي. آسٽريليا جي ٽئين وڪيٽ 10.5 اوورن ۾ 56 رنسن تي ڪري پئي، ڪپتان جوش انگلز 7 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جو شڪار بڻيو. ان کان پوءِ 13.5 اوورن ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ ورتي.آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 79 ۽ ڇهين وڪيٽ 88 رنسن تي ڪري پئي. مارڪس اسٽوئنز کي محمد حسنين ۽ گلين ميڪسويل کي حارث رئوف پويلين واپس موڪليو. ميزبان ٽيم جي ستين وڪيٽ 26هين اوور ۾ 118 رنسن تي ڪري پئي، ايڊم زمپا 13 رنسن تي نسيم شاهه جي هٿان آئوٽ ٿي ويو.پاڪستان خلاف آسٽريليا جون اٺين ۽ نائين وڪيٽون 140 رنسن تي ڪري پيون. اهي ٻئي وڪيٽون شاهين آفريدي ورتيون جڏهن ته آسٽريلوي بيٽسمين ڪوپر ڪنولي ريٽائرڊ هرٽ سبب بيٽنگ نه ڪري سگهيو. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي بيٽسمينن پر اعتماد بيٽنگ ڪندي 84 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي.پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 84 رنسن تي ۽ ٻي وڪيٽ 85 رنسن تي ڪري، عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.ميچ ۾ شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه 3، 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف 2 ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ ورتي.بالرز ۾ فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ حارث رئوف سڀ کان گهٽ رنسون ڏنيون، ٻنهي بالرن 7، 7 اوور ڪرايا ۽ 24، 24 رنسون ڏنيون جڏهن ته نسيم شاهه 9 اوورن ۾ 54 ۽ شاهين آفريدي 8.5 اوورن ۾ 32 رنسون ڏنيون.
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان