اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ 27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ ڇوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جڏهن ته 27 تعلقه اهڙا آهن جتي نادرا جون آفيسون ئي موجود نه آهن.قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله ذميوارن جي خلاف اڃان تائين ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. راجه خرم نواز جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي گهرو معاملن واري قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ آغا رفيع الله چيو ته 27 لک ماڻهن جو ڊيٽا چوري ٿيڻ جو مسئلو نه هو. اصل ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي تڪليف ٿي هئي. آغا رفيع الله چيو ته ڊيٽا ليڪ ڪندڙ اڄ به نادرا ۾ ويٺل آهن ۽ کاتي جو اهم حصو آحن. ڊيٽا ليڪ ڪندڙن جي خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي. ڊيٽا ليڪ ڪندڙ وڌيڪ سٺين پوسٽن تي مقرر ڪيا ويا آهن.اجلاس ۾ نادرا چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان نادرا جي آفيسن کي وڌائي نٿا سگهون، ڇو ته نادرا جي آفيسن کي وڌائڻ سان سڃاڻپ ڪارڊ جي فيس وڌائڻي پوندي. 61 تعلقه اهڙا آهن جن ۾ نادرا جون آفيسون نه آهن ۽ اسان اهڙن تعلقن ۾ جتي حڪومت اعلان ته ڪري ڇڏيو پر انهن جي تڪ بندي نه ڪئي وئي آهي.چيئرمين نادرا ٻڌايو ته نادرا جو پنهنجو فنڊ آهي. اسان فيس تبديل ناهي ڪئي، اسان ڪارڊز کي ري نيو ناهي ڪيو، جيستائين پراڻُ ڪارڊ هلي رهيو آهي ڪوبه ماڻهو نئون ڪارڊ نٿو ٺهرائي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ نٿا ٺهرائين ته اسان جو فنڊ به جنريٽ ناهي ٿيندو. هن چيو ته 27 تعلقه اهڙا آهن جتي نادرا نه آهي. وڌيڪ تعلقه ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ آهن. جتي اسان جون آفيسون به نه آهن. پنجاب ۾ مري ۽ تله گنگ ڊسٽرڪٽس بڻجندا پر انهن جون تڪ بنديون اسان وٽ نه پهتيون آهن.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو