نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)دنيا جي سڀ کان وڏي وڊيو شيئرنگ ايپ يوٽيوب ۾ نئين کي اڪثر واهپيدارن بدترين قرار قرار ڏئي ڇڏيو. اينڊرائيڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ موجب، يوٽيوب جي موبائيل ايپ ۾ هڪ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا وڊيوز ڏسڻ جي تجربي کي بدلائي ڇڏيندي. واضح رهي ته ٽِڪ ٽاڪ سڄي دنيا ۾ وڊيوز ڏسڻ جو انداز بدلائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وڊيوز ڏسڻ لاءِ سوئيپ اپ ڪيو ويندو آهي. ٽِڪ ٽاڪ مان متاثر ٿي يوٽيوب شارٽس ۾ اِهو طريقو آزمايو ويو، هاڻي وري گوگل جي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم جي ٻين horizontal وڊيوز ۾ اسڪرولنگ لاءِ به اِهو طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي. يوٽيوب طرفان ان طريقيڪار جي ٽيسٽ اسٽينڊرڊ وڊيو پليئر ۾ شروع ڪئي وئي آهي. ڪمپني طرفان اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ ان تبديلي جي آزمائش محدود واهپيدارن لاءِ ڪئي پئي وڃي. في الحال يوٽيوب ايپ جي فل اسڪرين موڊ تي هيٺ سوئيپ ڪرڻ سان ورٽيڪل فل پيج موڊ ڪمينٽس ۽ ٻيا آپشنز کُلي ويندا آهن. اهڙي ريت مٿي سوئيپ ڪرڻ سان، ريڪومينڊڊ وڊيوز جو آپشن سامهون ايندو آهي يا پڪچر موڊ ان ايبل ٿي ويندو آهي. رپورٽ موجب، نئين تبديلي کانپوءِ هاڻي مٿي سوئيپ ڪرڻ تي هڪ کان ٻي وڊيوز ۾ منتقل ٿيڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته فل اسڪرين مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ايگزٽ بٽڻ برقرار رکيو ويو آهي. اڪثر واهپيدارن يوٽيوب جي نئين تبديليءَ کي تاريخ جي بدترين تبديلي قرار ڏنو آهي.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو