يو اين پاپوليشن فنڊ پاڪستان ۾ اهم ڪم ڪري پيو: ٽيسوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته گڏيل قومن جو پاپوليشن فنڊ (يو اين ايف پي اي) پاڪستان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.گڏيل قومن جي ريجنل ڊائريڪٽر پاپوليشن فنڊ پيو سمٿ سنڌ جي گورنر سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران هن چيو ته انساني ترقي خاص طور تي بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي.هن چيو ته يو اين ايف پي اي جو پائيدار ترقي جي مقصدن لاءِ اهم ڪردار آهي.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ چيو ته وومين هيلٿ آرگنائيزيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.ملاقات ۾ ڊائريڪٽر يو اين ايف پي اي چيو ته پاڪستان ۾ اسان جو مشن ڀرپور قدمن کي يقيني بڻائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو