وائرل انفيڪشن ۾ واڌ، مليريا ۽ ڊينگي جي مرض ۾ اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ وائرل انفيڪشن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مليريا ۽ ڊينگي جي ڪيسن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ موسم جي تبديلي سان هڪ ڀيرو ٻيهر وائرل انفيڪشن تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.شهر ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ طبي ماهرن به اسپتالن ۽ ٻين هنڌن تي اسپري مهم شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.مختلف اسپتالن ۾ بخار ۽ وائرل انفيڪشن جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي.شهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان چڪن گونيا ۽ بخار جا ڪيس پڻ سامهون اچي رهيا آهن.ٻئي طرف شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اسپري نه ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ٽٽل روڊن سبب پکڙيل مٽيءَ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب نزلي ۽ ٿڌ جون شڪايتون پڻ سامهون اچي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو