اسلام آباد، ڪي پي ڪي ۾ زلزلي جا لوڏا،افغانستان مرڪز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي گهرائي 220 ڪلوميٽر زير زمين هئي ۽ زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو.ذريعن موجب اٽڪ، سوات، ايبٽ آباد، پشاور، شانگلا ۽ بونير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.مالاڪنڊ، سوات، مهمند ۽ شبقدر ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.جن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، اتي رهواسين ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ هو پنهنجي گهرن، آفيسن ۽ دڪانن کان ٻاھر نڪري آيا.شروعاتي طور تي زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو