سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل

سجاول جوڻيجو (ن س )سجاول جوڻيجو ڀرسان مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڇريءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڦلھڙي ۾ ميروخان واسي جوابدار پنهنجي گهرواري سردارن ۽ نوجوان فيضل عمراڻي کي ڇريءَ سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد مقتول ۽ ناري جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب جوابدار سرمد تونيو ميروخان واسي پنھنجي سھري جي گھر ۾ ترسيل ھو جنھن پنھنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آھي. پوليس جوابدار سرمد تنيو ۽ سندس سھري علي حسن ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ميروخان ۽ قمر جي اسپتال ڏانهن اماڻيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته ناري پنهنجي مڙس کي ساڻ ڪري والد جي گھر گھمڻ آئي ھئي ۽ مقتول نوجوان فيضل پٽ غلام محمد عمراڻي به مھمان ٿي ترسيل ھو، نوجوان تعلقي ڳڙھي خيرو جو رھواسي هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو