شاگردن کي سياست ۾ اچڻ گھرجي، ڪجھ ماڻھن سياست کي گندو ڪيو

حيدر آباد(بيورو رپورٽ)سنڌجي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ شاگرد اسان جي مستقبل جا ھيروز آھن، پوري دُنيا ۾ نوجوان نسل نون آئيڊياز سان نوان حل سامھون آڻي رھيا آھن، اسان کي بھ گھرجي تھ پنھنجي نوجوان نسل جي حوصلا افزائي ڪيون تھ جيئن اسان جا نوجوان اڳتي وڌي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ سائنس جي نئين تعمير ٿيل عمارت جي افتتاح بعد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسريٰ يونيورسٽي حيدر آباد سُٺو ڪم ڪري رھي آھي، مون شاگردن جا اسٽال ڏٺا، اسان جا شاگرد سُٺو ڪم ڪري رھيا آھن، اسان کي پنھنجي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ھوا سان بجلي پيدا ڪري رھي آھي، ٿر جي ڪوئلي مان پھرين ڀيري بجلي پيدا ڪرڻ جو سلسلو بھ پيپلز پارٽي شروع ڪيو، شھيد بي بي ٿر ڪول منصوبو شروع ڪيو، سندس حڪومت جي خاتمي بعد جيڪا ٻي حڪومت آئي اُن ٿرڪول منصوبو بند ڪري ڇڏيو، 2008 ۾ صدر آصف علي زرداري صدر بڻيو تھ اُن ٿرڪول منصوبو ٻيھر شروع ڪرايو، اڄ ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان ھزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رھي آھي، معاشري ماھرن بھ اڄ اعتراف ڪن ٿا تھ سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان ئي پيدا ٿي سگھي ٿي، سنڌ سارڪ پوري پاڪستان کي اھو تحفو ڏنو، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي ملي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان ۾ تمام گھڻا موقعا موجود آھن، اسان جو نوجوان نسل صلاحيتون رکندڙ آھن، اسان کي قوم طور پنھنجي پيرن تي بيھڻو پوندو تھ جيئن اسان کي مدد لاءِ ڪنھن ڏانھن ڏسڻو نھ پوي، نوجوان مايوس نھ ٿين، اسان سڀ گڏجي ھڪ مضبوط پاڪستان ۽ قوم جوڙي بڻائي سگھون ٿا. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار ڪيترن ئي موقعن تي ڪم ڪري رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رھيو آھي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻھن کي ھنر سيکاريا ويا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ سرڪار اھڙا منصوبا آڻيندي جن سان اسان جو نوجوان عزت ڀريو روزگار ڪري سگھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لقاڙڪاني، سکر، شھيد بينظير آباد ۾ پيپلز بس سروس ڏني وئي آھي، پاڪستان ۾ پھرين اي وي بس ۽ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار شروع ڪئي، ڪراچي ۾ يلو لائن ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي ڪم ھلي رھيو آھي، اسان جي ڪوشش ھوندي تھ حيدرآباد کي بھ بي آر ٽي ڏني وڃي. ھن چيو ٿھ اسان جي ڪوشش ھوندي تھ ڊبل ديڪر بسون اسان جي صوبي ۾ شروع ٿين، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادتٿ ۾ اسان جي اھا بھ ڪوشش آھي تھ سنڌ جي سمورن شھرن ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿئي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ اي وي ٽيڪسيز جو سلسلو شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، اسان جي ڪوشش ھوندي تھ نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيز ڏيون تھ جيئن اُھي عزت ڀريو روزگار ڪري سگھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان کي ھر شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ جا سمورا کاتا ٺيڪ ڪم ڪن تھ ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، شاگردن جي انرولمينٽ وڌائڻ جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار پاران وفاق سان ڳالھائيندس. تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي، وي پي اين بابت سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر شئي جو سٺو ۽ برو استعمال ٿيندو آھي، اسان کي پنھنجي نئين نسل کي اي آءِ سميت جديد ٽيڪنالوجيز ڏيڻ گھرجن، پر ھڪ شخص جي ڪوشش آھي تھ نوجوانن کي گارگند سيکاري وڃي، ڪجھھ بيمار ذھن پنھنجن ڪُڌن مقصدن لاءِ اسان جي نوجوانن کي گمراھھ ڪيو، نوجوانن کي چوندس تھ اھڙيون شيون ملڪ ۽ ملڪي ادارن خلاف استعمال نھ ڪن، اختلاف راءِ سڀني جو حق آھي، پر احتجاج جو مقصد اھو ناھي تھ پارليامينٽ، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪيا وڃن، احتجاج اخلاق جي دائري ۾ ڪيو وڃي، قائد اعظم جي گھر ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھھ ڪرڻ احتجاج جو طريقو ناھي، جن نوجوان نسل کي تشدد سيکاريو اُنھن کي چوڻ چاھيان ٿو تھ سڀاڻي اھي نوجوان اوھان جي خلاف بھ استعمال ٿي سگھن ٿا. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ۾ جيترا بھ غير قانون بس اڏا ھُئا اُھي ختم ڪيا ويا آھن، حيدر آباد سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بھ غير قانون بس اڏا مرحليوار بند ڪيا ويندا، ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي قبضا بھ ختم ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، حيدرآباد ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي ڪجھھ سرڪاري کاتن جا قبضا آھن جن کي نوٽيس موڪليا ويا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جون محدود بسون شروع ڪيون ويون آھن، اسان جي خواھش آھي تھ ھر شھر جي ھر اھم روڊ تي پيپلز بس سروس ھلي. منشيات خلاف مھم بابت سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات جي خلاف مھم جاري آھي، نوجوانن ۽ شاگردن کي چوندس تھ منشيات کان پري رھن، منشيات خلاف سنڌ سرڪار جھاد شروع ڪيو آھي، اھو جھاد جاري رھندو، ميڊيا جا دوست بھ مدد ڪن، جتي جتي منشيات ھلي رھي آھي اُتي آئون پاڻ گڏ ھلڻ لاءِ تيار آھيان. ھن چيو تھ شاگردن کي سياست ۾ اچڻ گھرجي، ڪجھھ ماڻھن سياست کي آلودھ ڪيو، ڪجھھ ماڻھو پنھنجن ڊگھي مدي وارن ۽ گھٽ مدي وارن مقصدن جي حاصلات لاءِ نوجوانن کي استعمال ڪندي آھن، جيڪي اھو سمجھن ٿا تھ اوھان گن پوانئٽ تي حڪومتن کي يرغمال بڻائي نھ ٿا سگھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ڊونلڊ ٽرمپ جي ترجيح پنھنجو ملڪ آھي، اُن لاءِ اھا ترجيح ناھي تھ پاڪستان کي ڪنھن کي جيل مان آزاد ڪرائڻو آھي. تقريب جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسريٰ يونيورسٽي جي پارڪ ۾ ٻوٽو بھ لڳايو. سول انجنيئرنگ ۾ فائنل ييئر جي شاگردن ۽ ساگردياڻين پاران جٽادار ٽرانسپورٽ تي ٻڌل منصوبن جي نمائش بھ ڏٺي، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جٽادار ٽرانسپورٽ تي ٻڌل منصوبن جو معائنو ڪيو ۽ کين شاباسي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو